شڌاڻي درٻار

شڌاڻي درٻار

شڌاڻي درٻار

شڌاڻي درٻار: هيءَ درٻار حيات پتافي، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ آهي. جنهن جو بنياد سنت شڌارام صاحب وڌو. هيءَ درٻار ميرپور ماٿيلي شهر کان لڳ ڀڳ چوڏنهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هيءَ درٻار ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ پراڻي، وچين ۽ نئين عمارت شامل آهن. هن درٻار جون ٽيئي عمارتون ڪشاديون آهن. هنن عمارتن مان پراڻي عمارت کي سنت شڌارام، ماتا هاسي ٻائيءَ جي وقت ۾ ٺهرايو. سٽاءَ جي خيال کان عمارت ۾ ياتري هال، زيارت هال، رڌ پچاءَ جي عمارت ۽ راڳ جو هال شامل آهن. وچين درٻار جي عمارت جديد طرز جي ٺهيل آهي، جنهن ۾ هيٺ ۽ مٿي اٺ هال آهن، جن ۾ ماڻهن جي رهائش لاءِ بندوبست ٿيل آهي. جڏهن ته نئين درٻار ٻه ماڙ عمارت آهي، جيڪا جديد طرز تعمير جو سهڻو نمونو آهي. هن عمارت ۾ 20 ڪمرا آهن. جن ۾ عورتن ۽ مردن لاءِ ويهڻ ۽ رهائش جو ڌار ڌار انتظام ڪيل آهي. ان کان سواءِ درٻار پاران ٻيا عام ڀلائيءَ جا ڪم به ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، اسپتال وغيره شامل آهن، جن لاءِ حيات پتافيءَ پاران مفت ۾ زمين ڏني وئي آهي. درٻار طرفان هر سال ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ويندي آهي. ميرپورماٿيلي ۾ درٻار پاران سنت راجا رام جي نالي سان اسپتال قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ماڻهن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. درٻار جي انتظام هيٺ ‘شڌارام’ نالي پاٺشالا به ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ مذهبي تعليم سان گڏ سماجي تعليم به ڏني وڃي ٿي. ٻارن ۾ چٽاڀيٽيءَ جا مقابلا ڪرايا وڃن ٿا ۽ پهرين نمبر ۾ ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت ۾ اعليٰ تعليم ڏياري وڃي ٿي. هن درٻار ۾هر سال نومبر ۽ ڊسمبر مهيني ۾ اجتماعي شاديون ڪرايون وينديون آهن، جنهن دوران ڄاڃين جي کاڌي پيتي کان ويندي شاديءَ جي سموري خرچ جو بندوبست پڻ درٻار پاران ڪيو وڃي ٿو. درٻار ۾ راڳ جو هال به قائم آهي، جتي روزانو راڳ ٿيندو ۽ ڀڄن ڳايا ويندا آهن. هتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو راڳ ٻڌڻ ايندا آهن. درٻار جو هر سال ميلو به لڳندو آهي، جنهن دوران ايندڙ ياترين جي کاڌي پيتي جو بندوبست درٻار پاران ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو